راضي شاهه لڪياري

راضي شاهه لڪياري

راضي شاهه لڪياري

راضي شاهه لڪياري (درگاهه): ٿر جي هن مشهور بزرگ جو اصل نالو سيد صالح محمد شاهه عرف راضي شاهه هو. سندس والد جو نالو نور شاهه لڪياري هو. هن بزرگ جي درگاهه ضلعي ٿرپارڪر ۾ نئين ڪوٽ شهر جي ڀرسان آهي. هن بزرگ جي مزار مٿان قبو اڏيل آهي، جيڪو انگريز دؤر جو يادگار آهي. مقبرو پڪسرو آهي، جيڪو چن جي مضبوط اوساريءَ سان تعمير ٿيل آهي. مقبري جي ماپ 30 فوٽ ۽ 16 فوٽ اوچو آهي. راضي فقير پنهنجي دؤر جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا لڪي شاهه صدر ۾ رهندا هئا، جتان سندن ڏاڏو ڪلهوڙن جي موليڏنو شاهه آخري دور ۾ رام جاڳي، تعلقي ساماري لڳ اچي ويٺو. سيد راضي شاهه هن بزرگ جي اولاد مان آهي. راضي شاهه پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو، جنهن شاهه لطيف جي تتبع تي بيت لکيا. هن مقبري جو ذڪر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ پڻ آهي. علائقي جا ماڻهو هن درگاهه سان تمام گهڻي عقيدت رکن ٿا. هن درگاهه ۾ مٺي پاڻي ۽ زيارتين جي رهائش لاءِ ڪچي مسافرخاني جو انتظام پڻ آهي. درگاهه کليل پَٽ تي آهي، جنهن کي ’راضي شاهه جو پٽ‘ چوندا آهن. راضي شاهه جو وڏو عرصو ٽالپرن جي دؤر ۾ گذريو ۽ هن 80 سالن جي عمر ۾ 1844ع ڌاري وفات ڪئي. سندس درگاهه تي هر سال اسلامي تاريخ 6، 7، 8 ۽ 9 ذوالحج تي ساليانو ميلو لڳندو آهي، جتي اٺن جي ڊوڙ ۽ ملهه ملاکڙو پڻ ٿيندو آهي. ان دوران بازار پڻ لڳائي ويندي آهي ۽ دڪان سينگاريا ويندا آهن. هن ميلي ۾ ٻارن جي رانديڪن جو وڪرو تمام گهڻو ٿيندو آهي. ميلي جي موقعي تي لنگر جاري رهندو آهي، عقيدتمندن لاءِ رهائش جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي. هن ميلي تي ٿر جا لوڪ فنڪار ۽ سگهڙ سُرن جي ورکا ڪندا آهن. مائي ڀاڳي لاءِ به مشهور آهي ته هُوءَ راضي شاهه جي مريدياڻي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو